اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نظر اچي پيو ته عدليه جي رويي سبب رياست ڪمزور ٿي رهي آهي، رياست کي سگهارو بڻائڻ لاءِ عدليه کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، سوچڻو پوندو ته رياست پهرين آهي يا عمران خان، پريس ڪانفرنس ڪندي پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته عمران خان گرفتاري پيش ڪري ۽ عدالتن کي منهن ڏئي، هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته زمان پارڪ ۾ موجود تربيت يافتا ماڻهو ڪير آهن؟ کين گرفتار ڪري حقيقتون سامهون آنديون وڃن، پي ٽي آءِ وارو ڪم ڪا مذهبي پارٽي ائين ڪري ها ته اڄ اُن کي دهشتگردي ۽ باغي قرار ڏنو وڃي ها، هن چيو ته ڪهڙيون قوتون آهن، جيڪي عمران خان جهڙي فتني جي پٺڀرائي ڪن ٿيون، عمران خان پرڏيهي ايجنٽ آهي ۽ پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه سندس مرضي سان ٿي رهيو آهي، سي آءِ اي جو نمائندو زلمي خليل زاد به عمران خان جي حمايت ۾ ٽوئيٽ ڪري ٿو، فضل الرحمان چيو ته رياست کي ڪمزور ڪرڻ واري عمران خان جي ايجنڊا ڪامياب ٿيڻ نه ڏني ويندي، عمران خان کي گرفتار ڪري هر صورت ۾ پيش ڪرڻ گهرجي، رياست رٽ برقرار رکڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري، تحريڪ انصاف ڪا سياسي جماعت ناهي.