لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي چيف آرگنائيزر ۽ سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته سازشي ڪردار اڃا تائين مڪمل نجات ناهي ملي، آر ٽي ايس جي جاءِ”بابا زحمت“ جي چيلن سنڀالي ورتي آهي. پھول نگر ۾ تنظيمي عهديدارن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ووٽ جي عزت لاءِ تارازو جا پلڙا برابر ڪرڻ لاءِ فيصلائتي جدوجهد جاري آهي، تارازو برابر هوندي ته انصاف ٿيندو. مريم نواز چيو ته اليڪشن وڙهنداسين ۽ کٽنداسين، سليڪشن نه اڳ قبول هئي ۽ نه مستقبل ۾ ٿيڻ ڏني ويندي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي نالو وٺڻ کانسواءِ تنقيد ڪندي مريم نواز چيو ته نواز شريف شينهن ليڊر آهي، جيڪو ڪارڪنن جي ڍال بڻيو هو، زمان پارڪ جي گدڙ کي ڏسو جيڪو عورتن ۽ ٻارن کي ڍال بڻائي رهيو آهي.