اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پاران آءِ ايم ايف جي شرطن تي قرض ملڻ کان اڳ عملدرآمد ڪرڻ باوجود آءِ ايم ايف هڪ نئون شرط پورو ڪرڻ جي فرمائش ڪري ڇڏي، ذريعن جو چوڻ آھي ته آءِ ايم ايف حڪومت اڳيان اهو شرط رکيو آھي ته هلندڙ سال دوران 30 جون تائين جيڪي ملڪ پاڪستان ۾ 6 ارب ڊالرن جي فنانسنگ ڪندا انهن ملڪن کان لکت ۾ اهڙي فناسنگ ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وڃي، آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آھي ته اهڙي خاطري سعودي عرب، قطر ۽ يو اي اي کان لکت ۾ ڪرائي وڃي ۽ انهن ملڪن ۾ مقرر آءِ ايم ايف جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرن ذريعي لکت ۾ خاطري فراهم ڪئي وڃي، ذريعن مطابق  حڪومت شرط پورو ڪرڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آھن، ناڻي وزارت، وزير اعظم هائوس پاران ڪوششون ڪيون پيون وڃن، آءِ ايم ايف ڪمرشل بينڪن کان قرض نه وٺڻ جو به شرط لاڳو ڪيو هو جيڪو حڪومت تسليم ڪري ورتو آهي.