عدالتي حڪمن جي ابتڙ، سنڌ حڪومت 6 آفيسرن کي 20 هين گريڊ جي پوسٽن تي نوازي ڇڏيو

0
285
استادن جي ڀرتين بابت جوڙيل پاليسيءَ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو انڪشاف
استادن جي ڀرتين بابت جوڙيل پاليسيءَ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جو انڪشاف

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت صحت کاتي ۾ 19هين گريڊ جي 6 آفيسرن کي 20 هين گريڊ جي پوسٽن تي نوازي ڇڏيو آهي، چيف سيڪريٽري جي منظوري بعد سروسز کاتي جي اختيارين پاران عدالتي حڪمن جي ابتڙ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو

ڪنڌڪوٽ، سکر، مٺي جي ڊي ايڇ اوز کي عهدن تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، 19 هين گريڊ جي ڊي ايڇ او ميرپور خاص محمد يوسف کي هٽائي سندس جاءِ تي مشتاق شاھ کي ڊي ايڇ او ميرپورخاص مقرر ڪيو ويو آهي

  20هين گريڊ جي ڊي ايڇ او ويسٽ ڪراچي ڊاڪٽر عبدالرزاق تنيو کي عهدي تان هٽائي 19هين گريڊ جي ڊاڪٽر سلمي کي ڊي ايڇ او ويسٽ ڪراچي مقرر ڪيو ويو

ڊي ايڇ او ڪشمور ڊاڪٽر اعجاز سومرو کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جڏهن ته 19هين گريڊ جي ڊاڪٽر گلزار تنيو کي ڊي ايڇ او ڪشمور واري عهدي تي مقرر ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

مٺي: چيف جسٽس جي آمد، سنڌ سرڪار پريشانين جو شڪار