مشهور مسلم عورتن کي ايپ تي نيلامي ڪرڻ واري عورت گرفتار

0
681
مشهور مسلم عورتن کي

ڪراچي(م ڊ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ مشهور مسلمان عورتن جي نيلامي ايپ ” بلي بائي“ جي ماسٽر مائينڊ عورت  کي گرفتار ڪيو ويو آهي

ڀارتي ميڊيا موجب ڄاڻايل ايپ ڪيس جي جاچ شروع ٿيندي ئي گينگ جي ڪيترن ئي ميمبرن پنهنجا موبائيل فون بند ڪري ڇڏيا هئا پر رودر پور جي آدرش ڪالوني جي رهواسڻ 18 ورهين جي شويتا سنگهه جو موبائيل آن هو، جنهن جي بنياد تي ممبئي پوليس سندس نگراني ڪندي کيس گرفتار ڪڌيو ويو

پوليس موجب تحقيق ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته دهلي، مهاراشٽرا ۽ بنگلور کان علاوه ڪيترن ئي رياستن جا پڙهيل لکيل ڀارتي نوجوان ايپ سان ڳنڍيل هئا، ۽ پوليس هاڻي انهن کي ڳولي رهي آهي

ممبئي پوليس هن ڪيس ۾ هڪ ٽيون جوابدار ميانڪ کي به گرفتار ڪيو آهي، پوليس اڳ ئي بنگلور مان 21 ورهين جي انجنيئرنگ شاگرد وشال جها کي گرفتار ڪري چڪي آهي

ايپ جي ماسٽر مائينڊ ناري جي باري ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته شويتا جو پيءُ گذريل سال ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويو هو، سندس ماءُ ڪجهه مهينا اڳ ڪينسر سبب فوت ٿي وئي هئي

شويتا جعلي ٽوئيٽر اڪائونٽ هلائي رهي هئي

شويتا جي وڏي ڀيڻ ڪامرس ۾ گريجوئيشن ڪري چڪي آهي، شيويتا به انجنيئرنگ ۾ داخلا جي تياري ڪري رهي آهي، شويتا JattKhalsa07 نالي جعلي ٽوئيٽر هينڊل شروع ڪيو

هن ٽوئيٽر هينڊل کي نفرت انگيز پوسٽون ۽ اعتراض وارين تصويرون ۽ تبصرا اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي، ان سان لاڳاپيل ماڻهو به هن جي نظريي تي يقين رکندا هئا