ڄامشورو (رپورٽر) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاهه پنهنجي  جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي خراب حڪمرانيءَ سبب سنڌ اندر ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائون، اٽو، کنڊ ۽ تيل سميت روز مرہ جي استعمال ۾ ايندڙ شين تي ڪنٽرولڊ ريٽ ۾ عمل ڪرائڻ ۾ مڪمل ناڪام وئي آهي. سيد جلال محمود شاهه ته جيستائين سنڌ جو عوام پنهنجي ووٽ جي طاقت کي تبديل نه ڪندو تيستائين هنن حالتن مان ٻاهر نڪرڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي. سنڌ جي عوام کي هاڻي پنهنجي ووٽ جي طاقت کي سنڌ دوست، وطن پرست جماعتن ڏانهن موڙڻو پوندو جيئن ترقي جي عمل ۾ سنڌ به شامل ٿي سگهي.