ھي سھڻو ، من مھڻو جسٽن ٽروڊو آهي .

ڪيناڊا جو وزير اعظم آهي .

پنهنجي گھر جا يوٽيلٽي بل پاڻ جمع ڪرائڻ لاءِ بئنڪ ويندو آهي ۽ قطار ۾ وڃي بيھي ادا ڪري ايندو آهي .

ڪا پوليس جي گاڏي ڪونه ،نه ڪو پروٽوڪل .

پنهنجي وني جي پاسپورٽ لاءِ آفيس ويو ۽ سڪون سان قطار ۾ بيھي  وٺي آيو .

سال کن اڳ ھن دلبر ڊاڪٽرن جي پگھار ۾ چاليھه سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪيو .

ڊاڪٽر صاحبان پنهنجي صحيحين سان خط موڪليس . ان ۾ لکيل ھو :

” اسان جا پيارا وزير اعظم !

توهان اسان جي پگھار  ۾ واڌ ڪئي آهي .

لک ٿورا .

اسان کي جيڪي پگھار  ملي ٿي ، کوڙ آهي . اڃان به بچي پوي ٿي ، سو اسان کي وڌيڪ جي گھرج ناهي .

مھرباني ڪري اھا رقم غريب ملڪن  جي غريب عوام ڏانهن موڪليندا ته وڏي مھرباني ٿيندي .

توهان جو خير گھرندڙ ،

سرڪاري ڊاڪٽر ،

سرڪاري اسپتال ،

ٽروڊو اسٽريٽ ،

ڪيناڊا .”

(آدرش – فيس بوڪ تان ورتل)