ممبئي (شوبز نيوز)ڀارتي اداڪارا عاليا بٽ به پاڪستاني ريپر پير محمد شاهه جي مداح نڪتي ۽ تعريف کانسواءِ رهي نه سگهي. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اداڪارا عاليا بٽ پاڪستاني ريپر پيرمحمد شاهه بابت پنهنجي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي آهي ان وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پير محمد شاهه عاليا بٽ اهو چئي رهيو آهي ته ويجهو اچ پر ڪورونا وبا جي ڪري گهڻو ويجهو نه اچ. وڊيو ۾ عاليا جي مختلف فلمن جا ڪلپس به شامل آهن جڏهن ته اداڪارا ان جي ڪيپشن ۾ پيرمحمد شاهه جي تعريف ڪئي آهي.