لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ جي نالي واري فنڪاره نينا ماري ۽ سندس مڙس علي رضا کي سول لائين پوليس 5 سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ محمد صادق بروهي جي عدالت ۾ ٻيهر پيش ڪيو، جتي فنڪاره نينا ماروي عدالت ۾ 164 جو بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته هن پنهنجي رضا خوشي سان گهران نڪري علي رضا سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي، جنهن سان گڏ رهڻ چاهيان ٿي، هن چيو ته کيس ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، اهڙي قسم جو داخل ٿيل ڪيس ڪوڙو آهي، فنڪاره جي اهڙي بيان بعد عدالت نينا ماروي کي مڙس سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.