عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري: سعودي عرب

0
334
عالمي برادري ڪشمير

ڪراچي (م ڊ) سعودي پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ عالمي برادري جي ڪردار تي زور ڏنو آهي

او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل کي خطاب ڪندي سعودي پرڏيهي وزير چيو ته يمن جي عوام کي انساني مدد فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته عالمي برادري ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري

هن چيو ته هو عالمي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو پرامن حل چاهين ٿا

ڀارت جو 5 آگسٽ وارو قدم عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي: او آءِ سي سيڪريٽري جنرل

او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل چيو ته هو امت مسلمه جي مفادن جو دفاع ڪندا رهندا، تڪرار سبب يمني عوام تمام گهڻو متاثر ٿي رهيو آهي، يمن ۾ خونريزي فوري طور بند ڪئي وڃي ۽ مسئلو پرامن طريقي سان حل ڪيو وڃي

هن چيو ته ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حق خوداراديت جو حق ڏنو وڃي، ڀارت جو 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪرڻ جو قدم عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي، او آءِ سي ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ تي زور ڏيئي ٿي

او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حوثي باغين پاران فلسطيني عوام جي نسل ڪشي ۽ شهري آبادي تي حملي جي مذمت ڪئي ۽ هن چيو ته افغان امن لاءِ عالمي برادري سان رابطي ۾ آهيون، افغان اختيارين ۽ عالمي ڀائيوارن سان گڏجي افغان امن ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي

او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل چيو ته روهنگيا مسلمانن جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا ۽ روهنگيا مسلمان پناهگيرن جي باعزت وطن واپسي جو مطالبو ڪريون ٿا

ھي به پڙھندا

اسلام آباد ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو 48هون اجلاس جاري