مهانگائي ايڏو دماغ خراب ناهي ڪيو جو زرداري، فضل الرحمان ۽ شهباز مسيحا لڳن: خالد انعم

0
235
مهانگائي ايڏو دماغ خراب ناهي

ڪراچي (م ڊ) سينيئر اداڪار خالد انعم ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ وڌندڙ مهانگائي تي تبصرو ڪيو آهي، روزمرهه جي شين جي اگهن ۾ واڌ تي جتي عام ماڻهو پريشان آهن اتي ته شوبز سان لاڳاپيل ماڻهو به مهانگائي تي پنهنجو اظهار خيال ڪري رهيا آهن

سينيئر اداڪار خالد انعم ان حوالي سان انسٽاگرام اڪائونٽ تي هڪ پوسٽ شيئر ڪئي جنهن ۾ هن چيو ته مهانگائي دماغ خراب ڪري ڇڏيو آهي

مخالف ڌر جي اڳواڻن جو ذڪر ڪندي اداڪار چيو ته مهانگائي ايترو به دماغ خراب ناهي ڪيو جو فضل الرحمان، آصف زرداري ۽ شهباز شريف مسيحا لڳن

واضح رهي ته هان کان اڳ اداڪار شان شاهد، بلال قريشي ۽ منيب بٽ به عمران خان جي ڀرپور حمايت ڪري چڪا آهن