سکر: 28 لک ايڪڙن تي وڏيرن جو قبضو آهي، عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيو ته ڏي وزير کي گهرائينداسين: سنڌ هاءِ ڪورٽ

0
301
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڪيڊٽ ڪاليج پنوعاقل جي پرنسپال جا گرفتاري وارنٽ جاري

سکر (ن پ ا) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضن واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ سيڪريٽري فاريسٽ ڊاڪٽر بدر جميل ۽ ٻيا آفيسرز عدالت ۾ پيش ٿيا

ٻڌڻي دوران جسٽس امجد علي سهتو چيو ته سڀ ڪجهه توهان جي حوالي آهي، ڪُجهه ته ڇڏيو، سنڌ ۾ روڊ تباهه آهن، صحت ۽ تعليم جا ادارا تباهي ڪناري تي پهتل آهن

معزز جج چيو ته ٻيلا ڪٽجڻ سان ماحولياتي تباهي ٿي رهي آهي، ٻيلا اسان جي زندگي جا ضامن آهن، زندگي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ٻيلا ضروري آهن
ڪراچي: وڏي وزير جو امين الحق

جسٽس امجد علي سهتو چيو ته مارچ مهيني ۾ به گرمي پد40 ٿي ويو آهي، ان جو ڪارڻ ٻيلا نه هجڻ آهي، وڏيرا ايترا بااثر آهن جو سندن فون تي قبضا ختم ڪرائيندڙ آفيسر معطل ڪيا ويا آهن

جسٽس امجد علي سهتو چيو ته 28 لک ايڪڙ ايراضي تي وڏيرن قبضو ڪري ڪيٽيون ٺاهي ڇڏيون آهن، عدالتي حڪم تي عمل نه ڪندئو ته وڏي وزير کي طلب ڪنداسين، ان موقعي تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته معطل ڪيل ٻن فاريسٽ آفيسرن کي بحال ڪيو ويو آهي

عدالت چيو ته سينٽر ميمبر بورڊ آف روينيو قبضي جي حوالي سان رڪارڊ ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، عدالتي حڪم تي عمل ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي اڳڀراي ٿي آهي، ميمبر بورڊ آف روينيو رڪارڊ نٿو ڏيئي ته کيس گرفتار ڪيوس، جيڪو عدالتي حڪم تي عمل نه ڪندو اهو جوابدار آهي ان کي گرفتار ڪيو وڃي

نيب جي وڪيل چيو ته قبضو ڪرڻ وارن کي نوٽيس ڏئي گهرايو آهي، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته قبضا ختم ڪرائڻ جي لاءِ فاريسٽ جو سيڪريٽري به ڪم ڪري رهيو آهي

معزز چيو ته اسان کي خبر آهي ته سيڪريٽري جي پوسٽ ڪنهن جي حڪم تي وڃي سگهي ٿي، اسان سيڪريٽري جي نوڪري ختم نٿا ڪرڻ چاهيون ان ڪري ڪم نيب کان وٺي رهيا آهيون، جنهن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي27 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

قتل ۾ ملوث آفيسرز مزا ماڻي رهيا آهن، زمينن تي قبضا ڪري غريبن جو مال کائي رهيا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آءِ جي سنڌ کي ڇنڊ