اسلام آباد ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو 48هون اجلاس جاري

0
302
اسلام آباد ۾ او آءِ سي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو 48هون اجلاس جاري آھي، 57 مسلمان ملڪن جا پرڏيهي وزير ۽ مبصر شريڪ آھن

 وزيراعظم عمران خان به اجلاس ۾ موجود آھي، نائجِير جي پرڏيهي وزير اجلاس ۾ خطاب دوران چيو ته انصاف ۽ برابري جي بُنياد تي شراڪتداري پائيدار هوندي آهي

هن وقت مسلمان ملڪ انتهاپسندي جهڙن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيا آهن، او آءِ سي جو مقصد مسلمان ملڪن جي استحڪام کي هٿي ڏيڻ آهيقومي اسيمبلي جو

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي او آءِ سي اجلاس ۾ افتتاحي خطاب ڪندي چيو آهي ته او آءِ سي کي اسلامو فوبيا خلاف خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻو پوندو

ھن چيو تھ  9 لک ڀارتي فوجي ڏهاڪن کان ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيا آهن، مسلمان ملڪن ۾ مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي آهي، مسلمان ملڪن ۾ پرڏيهي مداخلتون ٿين ٿيون