اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ضلعي عدالتن جي ججن کي پلاٽ الاٽ ڪرڻ واري حڪم تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي اٽارني جنرل کي معاونت لاءِ نوٽس جاري ڪري ڇڏيا. ڪالھه چيف جسٽس اطهر من الله اسلام آباد جي ايف چوڏهن ۽ ايف پندرنهن ۾ ضلعي عدالتن جي ججن سميت ڪامورن کي پلاٽن جي الاٽمينٽ معطل ڪري ڇڏي ۽ انهن زمينن تي موجود مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس اطهر من الله پاران لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ وڌيڪ چيو آهي ته جن ججن کي پلاٽ الاٽ ڪيا ويا آهن، انهن ۾ اهڙا جج به شامل آهن، جن کي ڪرپشن جي الزام هيٺ نوڪري تان فارغ ڪيو ويو، سموري ضلعي عدالت کي پلاٽ الاٽ ڪيا ويا آهن، جيڪا زمين الاٽ ڪئي وئي آهي، انهن جا مالڪ ڪيڏانهن انصاف وٺڻ وڃن؟ فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پلاٽ حاصل ڪندڙن ۾ اهڙا جج به شامل آهن، جيڪي جعلي ڊگريون رکڻ تي هٽايا ويا. ان حد تائين جو طيبه تشدد ڪيس ۾ هٽايل جج کي به پلاٽ الاٽ ڪيو ويو آهي، عدالت پنهجي فيصلي ۾ هائوسنگ واري وفاقي سيڪريٽري کي هدايت ڪندي چيو آهي ته هو ان حوالي سان وزيراعظم ۽ وفاقي ڪابينا کان پڇي ٻڌائي ته رياست جي زمين ڪجهه طبقن کي ورهائڻ جي ڪهڙي پاليسي رکي آهي؟ ان ڪيس کي لارجر بينچ آڏو ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويندو، جڏهن ته اٽارني جنرل 13 سيپٽمبر تي معاونت لاءِ عدالت ۾ پيش ٿئي.