لاهور (م ڊ) لاهور ۾ ٻيو واقعو، رڪشي ۾ سوار عورت سان اوباش نوجوان جي شرمناڪ حرڪت، عوام ۾ تاءُ پکڙجي ويو، لاهور جي گريٽر اقبال پارڪ واقعي کانپوءِ هڪ ٻي ڇوڪريءَ سان بدتميزي جي ويڊيو سامهون آئي آهي. سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته روڊ تي نوجوان موٽر سائيڪلن تي گوڙ ڪندي وڃي رهيا آهن، جڏهن ته انهن جي سامهون هڪ رڪشي ۾ ڇوڪريون وڃي رهيون آهن، ان ئي دوران هڪ نوجوان رڪشي ۾ چڙهي ڇوڪريءَ کي زبردستي چُمي ڏئي فرار ٿي وڃي ٿو ۽ ڇوڪري پريشان ٿي وڃي ٿي. ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيترائي نوجوان موٽر سائيڪل تي رڪشي جو پيڇو ڪندا رهن ٿا ۽ رڪشي ۾ ويٺل ڇوڪري جوتو لاهي انهن کي روڪيندي رهي ٿي. وائرل ويڊيو جي حوالي سان واضح ناهي ته اها ڪهڙي شهر جي آهي ۽ واقعو ڪڏهن پيش آيو پر اهڙي ويڊيو کانپوءِ عوام طرفان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي.