لاهور: گريٽر اقبال پارڪ ۾ هجوم هٿان تذليل جو شڪار يوٽيوبر ناري عائشه اڪرم جو ميڊيڪل مڪمل ٿي ويو، پوليس موجب متاثر ناري عائشه اڪرم جو ميڊيڪل نوازشريف اسپتال يڪي گيٽ مان ڪرايو ويو، جنهن ۾ عورت جي جسم تي سوڄ ۽ رانڀوٽن جا نشان نظر آيا آهن. ميڊيڪل رپورٽ موجب عورت جي ڪن، پيرن، ٻانهن، ڳچي ۽ ساڄي هٿ تي 13 واضح نشان آهن، جسم جي ڪيترن ئي حصن تي نيرا نشان به نظر آيا آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ناري جي ڳچيءَ تي رانڀوٽن جا نشان واضح آهن.