اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت 26 آگسٽ 2021ع کان نيشنل هاءِ وي ۽ موٽروي تي ٽول ٽيڪس ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جو فيصلو ڪيوآهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته مواصلات وزارت 26 آگسٽ 2021ع کان موٽروي ۽ هاءِ وي تي قائم ٽول پلازائن تي ٽول ٽيڪس ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ذريعن مطابق ان جو باضابطه نوٽيفڪيشن جلد جاري ٿيڻ جو امڪان آهي، ذريعن ٻڌايو آهي ته اضافي کانپوءِ اسلام آباد کان لاهور تان 790 رپيا ٽول ٽيڪس کان وڌي 910 رپيا ٿي ويندو ۽ ائين مختلف ٽول پلازائن کي هر گاڏي کي 10 سيڪڙو اضافي ٽيڪس ڏيڻو پوندو.