سانگهڙ: ٽائم نيوز رپورٽر حملو ڪيس: هڪ وڌيڪ جوابدار گرفتار

0
348

سانگهڙ(ن پ ا) ٽائم نيوز ۽ پنھنجي اخبار ورڪشاپ جي رپورٽر غلام قادر شر جي مٿان قاتلاڻي حملي ۾ ملوث ھڪ وڌيڪ جوابدار اعظم شر کي به پوليس گرفتار ڪري ورتو. پوليس اعظم شر سوڌو اڳ ۾ گرفتار ڪيل جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت جوابدارن کي ٻن ڏينهن لاءِ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته غلام قادر شر مٿان 13 آگسٽ جي شام جو وڏيري ڪمال الدين شر جي بڇ تي سندس ٽن پٽن اسد ڪمال، محمد نواز، غلام مرتضيٰ عرف پپو شر ۽ ھڪ پوٽي انور علي سميت اعظم شر حملو ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو هو، ھن وقت ڪيس جي جاچ جي نگراني اي ايس پي اياز جتوئي ڪري رھيو آھي.