صنعان قريشي جي گرفتاري ظاهر ٿيڻ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ د اخل پٽيشن واپس، پپري مان بچل گبول گرفتار

0
299

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گرفتاري ظاهر ٿيڻ بعد سندس گمشدگي خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ د اخل پٽيشن واپس، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪوثين قريشي طرفان درخواست واپس وٺڻ بعد معاملو اڪلائي ڇڏيو، ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه، سجاد چانڊيو ۽ ٻيا قومپرست اڳواڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد پهچي ويا، بحريه ٽائون ڌرڻي کانپوءِ داخل دهشتگردي جي ڪيسز ۾ گرفتاري کان اڳ ضمانت لاءِ درخواست داخل، قومپرست اڳواڻن جي پيشي دوران عدالت ٻاهران سيڪيورٽي سخت، وڏي انگ ۾ قومپرست ڪارڪن به پهتا، سنڌي وسندين تي والار خلاف بحريه ٽائون آڏو ڌرڻي بعد ملير پوليس جون ڌرتي ڌڻين خلاف ڪارروائيون جاري، پپري ۾ چڙهائي دوران ايس ٽي پي ملير جو اڳواڻ بچل گبول گرفتار ٿي ويو.