تر جا سياستدان، سياست کان روڪڻ لاءِ هربا استعمال ڪري رهيا آهن:تيغو خان تيغاڻي

0
350

شڪارپور (رپورٽر) شڪارپور ۾ ڏوھارين جي سرپرستي جي الزام هيٺ ڪراچي مان گرفتار ڪيل تيغو خان تيغاڻي کي ٽيون ڀيرو دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، شڪارپور جي عدالت تيغو خان تيغاڻي جو 6 ڏينهن لاءِ جڊيشل رمانڊ منظور ڪري ورتو، پوليس ڪيس جو چالان پيش نه ڪيو، سردار تيغو خان تيغاڻي کي اي ٽي سي جج حيدر علي ابڙو جي عدالت ۾ سخت حفاظتي انتظامن ھيٺ پيش ڪيو ويو،عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي تيغو خان تيغاڻي چيو ته تر جا سياستدان کيس سياست کان روڪڻ لاءِ هربا استعمال ڪري رهيا آهن، ڪچي ۾ امن بحال ڪرائڻ لاءِ اسڪول کولي ٻارڙن کي تعليم ڏياري وڃي، پ پ سان نه پر فردن سان اختلاف آھن، ڪوڙي رپورٽ تحت امتياز شيخ ۽ مون کي بدنام ڪيو ويو، منھنجي تر جا سياستدان نٿا چاھن ته مان سياست ڪريان، هن چيو آهي ته ڪشمور کان دادو تائين ڏوھاري آھن ۽ ھر برداري ۾ ڏوھاري ھجن ٿا، مان سياست کان ٻاھر آھيان تڏھن نشاني تي آھيان، ڪچي ۾ مختلف پوليس آپريشن ۾ پوليس جي مدد ڪئي آھي، سردار تيغو خان تيغاڻي جو چوڻ هو ته منھنجي علائقي ۾ پڙھيل ماڻھو گھٽ آھن ان ڪري اسڪول قائم ڪيا وڃن، رياست جي ھميشه مدد ڪئي آھي جنھن جي سزا ڏني پئي وڃي، شڪارپور جا سياستدان مدد لاءِ رابطي ۾ آھن.