مقصودو رند ۾ ٻاجهي رند سرفراز لاشاري اليون کي شڪست ڏئي ڇڏي

0
256

مقصودو رند (رپورٽ: بهادر رند) مقصودو رند ۾ جشن آزادي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي چوڏھين ميچ ۾ ٻاجھي رند اليون ۽ سرفراز لاشاري اليون ۾ دلچسپ مقابلو ٿيو. ٻاجھي رند اليون ٽاس کٽي پھريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ مقرر 15 اوورن ۾ 242 رنسون ٺاهيون. جواب ۾ سرفراز لاشاري اليون 151 رنز تي ڍير ٿي وئي، غازي لاشاري 94 رنز ٺاهڻ باوجود پنهنجي ٽيم کي ڪاميابي نه ڏياري سگهيو. رند اليون جي دوست علي رند 64 رنز جي اننگز کيڏي مين آف دي ميچ جي اعزاز سان نوازجي ويو.