صالح پٽ (ن پ ا) صالح پٽ لڳ نارا ڪئنال مان ٻاهر نڪري آيل واڳونءَ جي ٻچي کي ڳوٺاڻن پڪڙي وائلڊ لائف عملي حوالي ڪري ڇڏيو. خبر موجب صالح پٽ لڳ ڳوٺ صاحب ڏنو ڀنڀرو ڀرسان نارا ڪئنال مان  نڪري آيل واڳونءَ جي ٻچي کي ڳوٺاڻن پڪڙي جهنگلي جيوت واري کاتي جي اهلڪارن حوالي ڪيو. ان باري ۾ ڳوٺ صاحب ڏنو ڀنڀرو جي رهواسي سهراب ڀنڀرو ٻڌايو ته اسان جي ڳوٺ ٻاهران هن مهل تائين برسات جو پاڻي موجود آهي. نارا ڪئنال جي کاٻي پاسي واڳون نڪري برساتي پاڻيءَ مان گذري ڳوٺ ڏانهن اچن ٿا. هن ٻڌايو ته گذريل ڪجهه ڏينهن دوران واڳون 2 ڪڪڙيون ۽ هڪ ٻڪر کائي ويا آهن. اڄ به چار فوٽ ڊگهو واڳون جو ٻچو ڳوٺ ٻاهران فصل مان مليو جنهن کي پڪڙي وائلڊ لائيف اهلڪارن حوالي ڪيو آهي. ٻئي پاسي وائلڊ لائف عملدار پيرل چاچڙ ٻڌايو ته ڳوٺاڻن جي مدد سان پڪڙيل واڳونءَ جي ٻچي کي ڪنهن محفوظ جڳهه تان نارا ڪئنال حوالي ڪيو ويندو.