خيرپور (رپورٽر) پريالوءِ پوليس هٿان مبينا طور کنڀي گم ڪيل نائين ڪلاس جي شاگرد جو ڏس پتو نه پئجي سگهيو. هفتو اڳ گم ڪيل شاگرد عرفان علي کوکر جي وارثن طرفان ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ۾ داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻيءَ دوران گذريل ڏينهن پريالوءِ ٿاڻي جو ايس ايچ او جهانگير چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيو. ان موقعي تي عدالت ايس ايچ او پريالوءِ کي ڇنڊ پٽيندي مبينا کنڀي گم ڪيل نينگر کي 28 فيبروري تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم جاري ڪندي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان ان ڏس ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. هوڏانهن مبينا طور کنڀي گم ڪيل نوجوان جي والد روشن کوکر صحافين اڳيان دانهيندي ٻڌايو ته عدالت طرفان طلب ڪرڻ تي ايس ايچ او جهانگير چانڊيو ڏمرجي پيو آهي. هن واضح ڪيو ته پٽ کي ڪوبه نقصان پهتو ته ان جو ذميوار ايس ايچ او پريالوءِ جهانگير چانڊيو هوندو.