شهزاد اڪبر جو نالو اي سي ايل ۾ شامل: سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙن جي گرفتاري جو فيصلو

0
233
ٻوڏ متاثرن جي بحالي پاڪستان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا شهزاد اڪبر سوڌو 10 ڄڻن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، هيلڪاپٽر حادثي بعد فوج خلاف سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙن کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو

اجلاس ۾ 35 دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جي سمري وفاقي ڪابينا رد ڪندي ڪابينا جي منظوري کانسواءِ اضافو نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آھي، وفاقي ڪابينا نيشنل يونيورسٽي جي قيام واري سمري تي به ايندڙ اجلاس تائين غور ملتوي ڪري ڇڏيو، جڏهن  ته گذريل هفتي ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ ڪيل هدايت تحت پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ لاءِ ڊڪليريشن جو ڊرافٽ منظوري لاءِ پيش ٿيڻو هيو جيڪو پيش نه ٿي سگهيو، ڪابينا اي سي سي جي 11 آگسٽ تي ٿيل اجلاس جي فيصلن جي به منظوري ڏنيامپورٽڊ حڪومت انتقامي

ڪابينا قانون سازي بابت ڪاميٽي پاران 5 مختلف قانونن ۾ ترميمن جي ڊرافٽن جي به منظوري ڏني آھي جنهن ۾ اٿورائيزيشن آف گورنمينٽ ميريڊ اڪوموڊيشن آف ڊفينس سڪيورٽي فورسز رولز ۾ ترميمي بل، لا آفيسرن جي ايڊوڪيٽ جنرل آفيس ۾ مقرري جي ترميمي صدارتي آرڊر، پاڪستان وٽرنري ميڊيڪل ڪائونسل امپلائيمنٽ ريگيوليشن 2022، قومي اسڪل يونيورسٽي شامل آھي، جڏهن ته وفاقي ڪابينا نيب جي سفارش تي اڳوڻي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ بيريسٽر ضياء المصطفي نسيم سوڌو  10 ڄڻن جا نالا شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني

ھي به پڙھندا

پاڪستان دُنيا کان قرض ورتو، پر صحيح استعمال نه ڪيو: مفتاح اسماعيل

22 ڄڻن جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ ، ۽ ٽن ڄڻن کي  هڪ ڀيرو ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جي به منظوري ڏني آھي. ذريعن موجب اڳوڻي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر , بيريسٽر ضياء المصطفي نسيم جو نالو به شامل آھي ذريعن مطابق ٻنهي جا نالا نيب جي درخواست تي اي سي ايل ۾ شامل ٿيا آھن جن تي پراپرٽي ٽائڪون ملڪ رياض جي برطانيه کان ايندڙ رقم کيس فراهم ڪرڻ جو الزام آھي جڏهن ته باقي اڪثر ماڻهن جا نالا سڪيورٽي ايجنسين جي سفارش تي اي سي ايل ۾ نالا شامل ڪيا ويا آھن جڏهن ته اڳوڻي سينيٽر گلزار علي خان جي پٽ عمار خان کي هڪ ڀيرو پرڏيھ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ منظوري ڏني وئي آھي جنهن تي به نيب ۾ بدعنواني جو ڪيس هلي رهيو آھي

حڪومت طرفان هيليڪاپٽر حادثي بعد سوشل ميڊيا تي مهم هلائيندڙن جي گرفتاري جو به فيصلو ڪيو آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڪ فوج خلاف سوشل ميڊيا تي مهم واري معاملي جي جاچ ۾ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ٿيو آهي ته مهم ۾ ملوث سمورن ڪردارن کي گرفتار ڪيو ويندو، سندن پٺڀرائي ڪندڙن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، جاچ ادارن طرفان مهم جي ڪردارن خلاف جاچ جاري آهي، سوشل ميڊيا تي شهيدن خلاف مهم ۾ ڪجهه ڀارتي اڪائونٽس به استعمال ٿيا آهن

ھي به پڙھندا

پاڪستان آءِ ايم ايف کي پيٽروليم صنعت تي ليوِي 50 رُپيا في لٽرتائين وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي