پاڪستان آءِ ايم ايف کي پيٽروليم صنعت تي ليوِي 50 رُپيا في لٽرتائين وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي

0
316
پاڪستان آءِ ايم ايف کي

پاڪستان طرفان پيٽروليم صنعت تي ليوِي 50 رُپيا في لٽر تائين وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آھي، آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي اتفاق ٿيو آھي

ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول تي 10 رُپيا ۽ ڊيزل تي 5 رُپيا ليوي وڌائي ويندي، ايندڙ مهينن ۾ به ليوي ۾ 5-5 رُپيا في لِٽر واڌ ڪئي ويندي

ذريعن موجب جنوري تائين پيٽروليم ليوي کي مرحليوار وڌائي 50 رُپيا في لٽر ڪيو ويندو، پاڪستان ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪري آءِ ايم ايف ڏانهن اُماڻي ڇڏيو آھي

ناڻي جي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پاڪستان دُنيا کان قرض ورتو، پر صحيح استعمال نه ڪيوپاڪستان لاءِ سٺي خبر

مفتاح اسماعيل موجب موجوده حڪومت بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ قرض ورتو آهي، اسان کي ايڪسپورٽ تي ڌيان ڏيڻو پوندو، پاڪستان چانور، ڪڻڪ، ڪمند ۽ ڪپهه جي ايڪسپورٽ ۾ به ڀارت ۽ چين کان پوئتي آهي

ھي به پڙھندا

پاڪستان مٿان اندروني ۽ پرڏيهي قرض 60 هزار ارب ٿي ويو

پاڪستان دُنيا کان قرض ورتو، پر صحيح استعمال نه ڪيو: مفتاح اسماعيل