سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو  ٻيو مرحلو 28 آگسٽ تي هر صورت ۾ ٿيندو

0
525

اسلام آباد: سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيون مرحلو 28 آگسٽ تي ئي ٿيندو، سُپريم ڪورٽ مڪاني چونڊن ۽ تڪبندين خلاف متحده جي درخواست اُڪلائي ڇڏي
ملڪ ۾ ووٽرن جو انگ 12

عدالت چيو آهي ته متحده پاڪستان تڪبندين جي معاملي تي لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي مڪاني چونڊن جي حمايت ڪئي آهي

ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ته سندس ڪٽنب جو ڪوبه ڀاتي مڪاني چونڊون نه پيو وڙهي، بدين جي عوام جي نمائندگي لاءِ عدالت پهتي آهيان، بدين ۾ انتظاميا پاڻمرادو تڪبندي ڪري پئي، آر او به سندن لڳل آهن

چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن ٻاهران ته ماڻهو نٿي گهرائي سگهي، ڪميشن محنت ڪري رهي آهي

سپريم ڪورٽ آف پاڪستان  اليڪشن ڪميشن ۽ واڳيل اختيارين کي ڊاڪٽر فهميده مرزا جا خدشا ختم ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي

ھي به پڙھندا

پي ٽي آءِ طرفان سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو فيصلو رد، عدالت وڃڻ جو اعلان

سنڌ ۾ برساتن جو سبب ڄاڻائي مڪاني چونڊون ۽ ڪراچي جي ننڍي چونڊ مهيني لاءِ ملتوي