اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بغاوت ڪيس ۾ شهباز گل جي جسماني رمانڊ لاءِ حڪومتي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي، عدالتي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي سيشن ڪورٽ کي اڄ ٻڌڻي جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب قائم مقام چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جوابدار شهباز گل طرفان شعيب شاهين، فيصل چوڌري ۽ ٻيا وڪيل پيش ٿيا جڏهن ته سرڪار طرفان ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون، رضوان عباسي ۽ ٻيا پيش ٿيا. عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي حڪومتي درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏئي ڇڏي ۽ سيشن ڪورٽ کي حڪم ڏنو ته درخواست تي اڄ ئي ٻڌڻي ڪري ميرٽ تي فيصلو ٻڌايو وڃي. عدالت حڪم ڏنو ته جيڪڏهن ضرورت پوي ته جوابدار کي پوليس حوالي ڪيو وڃي. ان کان اڳ قائم مقام چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته عدالت ڪابه جاچ متاثر نٿي ڪري سگهي، قانون موجب جسماني رمانڊ 14 کان  15 ڏينهن تائين وٺي سگهجي ٿو. ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ ايند سيشن جج  زيبا چوڌري جي عدالت حڪومتي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت چيو ته جسماني رمانڊ جي اپيل تي ٻڌڻي سڀاڻي ڪئي ويندي اڄ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري رهيا آهيون، جنهن بعد ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.