لاهور (م ڊ) چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف جي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ريفرنس ڪيس ۾ ضمانت واري معاملي تي جسٽس علي باقر نجفي جي سربراهي ۾ 3 رڪني نئين بينچ جوڙي ڇڏي. لاهور هاءِ ڪورٽ طرفان جوڙيل ٽي رڪني بينچ ۾ جسٽس عاليه نيلم ۽ جسٽس شهباز رضوي شامل آهن. ان کان اڳ رجسٽرار لاهور هاءِ ڪورٽ ريفري جج جي مقرري جي لاءِ فائل چيف جسٽس ڏانهن موڪليو هو. واضح رهي ته آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ جسٽس سردار سرفراز ڊوگر شهباز شريف جي ضمانت منظور جڏهن ته جسٽس اسجد جاويد گهرال رد ڪري ڇڏي هئي. جسٽس اسجد جاويد گهرال طرفان اختلافي نوٽ سامهون اچڻ کانپوءِ قانوني ماهرن جو چوڻ آهي ته معاملو چيف جسٽس ڏانهن موڪليو ويندو، ان صورت ۾ فيصلي جي لاءِ هو ريفري جج مقرر ڪندا. ٻئي پاسي جسٽس اسجد جاويد گهرال چيو ته ٻڌڻي کانپوءِ جڏهن جسٽس سردار سرفراز رضامندي طلب ڪئي ته مون صاف انڪار ڪيو، جسٽس سرفراز ڊوگر اڪيلي ئي گڏيل فيصلو ٻڌايو هو.