حيدرآباد (بيورو رپورٽ) گهرو کاتي حيدرآباد ۾ لاڪ ڊائون جي شيڊيول ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ هفتي ۾ 2 ڏينهن ڪاروبار بند ڪيو ويندو. گهرو کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پاران جاري نوٽيفڪيشن موجب حيدرآباد ۾ هاڻي جمعي ۽ آچر جي ڏينهن بدران ڪاروباري مرڪز جمع ۽ ڇنڇر تي بند رهندا. آچر تي واپاري پنهنجون ڪاروباري سرگرميون جاري رکندا. ٻڌايو پيو وڃي ته گهرو کاتي لاڪ ڊائون جي شيڊول ۾ اها تبديلي ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو پاران لکيل خط کانپوءِ ڪئي آهي. ڊي سي 16 اپريل تي گهرو کاتي کي خط لکيو هو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو هو ته شهر ۾ ڪاروبار ڪندڙ ماڻهو توڙي واپاري تنظيمن جي اڳواڻن جو اسرار آهي ته شهر ۾ آچر تي ڪاروباري مرڪز بند ڪرڻ بدران ڇنڇر تي بند ڪيا وڃن. ڊي سي جي خط کانپوءِ گهرو کاتي حيدرآباد ۾ ڪاروبار بند رکڻ واري شيڊول ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ضلعي انتظاميا ۽ پوليس کي هدايت ڪئي آهي ته هو نوٽيفڪيشن تي عمل ڪرائين.