دبئي (اسپورٽس نيوز): انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) سٽي باز ڪمپنين جا لوگو لڳائڻ تي مڙهيل پابندي ختم ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ٻه طرفي ٽيسٽ ۽ ون ڊي سيريز ۾ ٽيمون شرٽ اسپانسرشپ حاصل ڪري سگهن ٿيون، پر آءِ سي سي جي ايونٽن ۾ پابندي برقرار هوندي. رپورٽ موجب انگلش ٽيم کي جوا ڪمپنين جا لوگو استعمال ڪرڻ جي اجازت نه هوندي، انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ ان نرمي مان لاڀ حاصل نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. آءِ سي سي اختيارين جو چوڻ آهي ته اينٽي ڪرپشن ڪوڊ تحت نه رڳو ڪرڪيٽرن جي جوا جي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ پر ان جي مشهوري ڪرڻ واري ڪنهن به عمل جو حصو بڻجڻ تي بندش آهي.

ياد رهي ته اي سي بي ڪوچ برينڊن ميڪلم خلاف هڪ سٽي باز ڪمپني سان لاڳاپن جي جاچ ڪري رهيو آهي،سٽي باز ڪمپني اڳوڻي ڪيوي ڪپتان کي پنهنجو سفير مقرر ڪيو هو.رپورٽن موجب انگلش بورڊ جي عملدر جو چوڻ هو ته هو ميڪلم جي معاهدي جي ڇنڊڇاڻ ڪري رهيا آهن، بورڊ جا جوا جي حوالي سان قانون موجود آهن، هر صورت ۾ ان تي عمل درآمد يقيني بڻائينداسين.