ڪراچي(اسپورٽس نيوز)ڪراچي ۾ ٿيل ڪو آپريٽو ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ لاڙڪاڻي واسي عامر بروهي جا هر پاسي چرچا آهن. ڪراچي ۾ معين خان اڪيڊمي ۾ ٿيل ڪو آپريٽو ٽي ٽوئنٽي ڪپ دوران عامر بروهي ٽن ميچن ۾ 10 اوور بالنگ ڪئي ۽ ست وڪيٽون وٺي ڪرڪيٽ تجزئي نگارن ۽ شوقينن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. ٽورنامينٽ ۾ ٽاپ پرفارمينس پيش ڪندڙ عماد عالم ۽ خواجا نافي خلاف سيمي فائنل ۾ عامر بروهي جي بالنگ ڏسڻ وٽان هئي، سيمي فائنل ۾ سندس ٽيم جو سفر ته تمام ٿي ويو پر عامر بروهي شاندار پرفارمينس سان سڀني جون دليون کٽڻ ۾ ڪامياب رهيو. لاڙڪاڻي کان پنجويهه ڪلوميٽر پري محراب سنديلي ۾ جنم وٺندڙ ۽ روايتي ٽيم بال ڪرڪيٽ کان پنهنجو سفر شروع ڪندڙ عامر بروهي اڄڪلهه پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي هارڊ بال ڪرڪيٽ ۾ ڪاميابين جا جهنڊا کوڙي رهيو آهي.عامر بروهي جي تازي ڪارڪردگي تي تبصرو ڪندي اسپورٽس صحافي آصف خان چيو ته لائين، لينٿ ۽ اسپيڊ تي هڪ جيتري مهارت عامر بروهي کي منفرد بڻائي ٿي. نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته عامر بروهي ۽ شاهنواز ڏاهاڻي ۾ هڪجڙائي آهي، پر ڪڏهن، ڪڏهن ٿيندو ائين آهي ته جو تمام گهڻا باصلاحيت ڪرڪيٽر ننڍين ٽيمن طرفان کيڏندي سليڪٽرن جي نظرن کان اوجهل رهندا آهن.