لنڊن(اسپورٽس نيوز)انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ سُپر اسٽار آل رائونڊر بين اسٽوڪس چئن سالن دوران ٽيون ڀيرو وزڊن ليڊنگ مينز ڪرڪيٽر جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب بين اسٽوڪس کي سال 2022ع ۾ انگلينڊ جي ٽيسٽ ٽيم لاءِ شاندار ڪپتاني ۽ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فائنل ۾ ميچ وننگ ڪارڪردگي سبب چونڊو ويو. وزڊن جي 160 هين ايڊيشن ۾ انگلش آل رائونڊرجي ٽيسٽ ٽيم جي ڪوچ برينڊن ميڪلم سان گڏ ڪور اسٽوري ڇاپي وئي آهي. بين اسٽوڪس انگلش ٽيسٽ ٽيم جي قيادت سنڀالڻ کان وٺي هنيئر تائين 12 مان 10 ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي، سندس جارحاڻي حڪمت عملي ٽيم ۾ نئون روح ڦوڪيو ڇڏيو آهي. هن وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ به شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي گذريل سال نومبر ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فائنل ۾ پاڪستان خلاف ففٽي اسڪور ڪندي انگلينڊ کي فاتح بڻائڻ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو هو. وزڊن جي ايڊيٽر لارنس بوٿ لکيو آهي ته ” بين اسٽوڪس کانسواءِ ڪنهن ٻئي ڪرڪيٽر بابت سوچڻ ڏکيو آهي، جنهن پنهنجي ٽيم جي قسمت اوچتو ڦيرائي ڇڏي آهي“ .هن چيو ته جڏهن بين اسٽوڪس ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتاني سنڀالي هئي تڏهن انگلش سترنهن ٽيسٽ مئچن مان رڳو هڪ ئي کٽي سگهي هئي ، پر ان کانپوءِ  پاڪستان ۾ 3-0 تان سيريز کٽندڙ پهرين ٽيم بڻجي وئي. ان کانسواءِ بيٽر جوني بيئرسٽو کي وزڊن طرفان ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ ڀارت خلاف ٻنهي اننگز ۾ سينچري اسڪور ڪرڻ سبب ٽيسٽ ميچن ۾ بهترين انفرادي ڪارڪردگي جي ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي.