شارجا (اسپورٽس نيوز): ڪرڪيٽ جي دنيا جي مشهور عالمي شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ويسٽ اسٽينڊ جو نالو سچن ٽنڊولڪر اسٽينڊ رکي ڇڏيو آهي. تفصيلن موجب اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر سچن ٽنڊولڪر 34 اسٽيڊيمز ۾ کيڏيل ون ڊي ميچز ۾ 49 سينچريز اسڪور ڪيون، جڏهن ته شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ سندس 7 سينچريز آهن، جن ۾ اپريل 1998ع ۾ ڊبل سينچري به شامل آهي، تنهن ڪري شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جي ويسٽ اسٽينڊ جو  نالو سچن ٽنڊولڪر اسٽينڊ رکيو ويو آهي،

 

سچن ٽنڊولڪر ان موقعي تي مسٽر بخاطر ۽ سندس ٽيم جو شڪريو ادا ڪيو. ان حوالي سان سچن ٽنڊولڪر جو چوڻ هيو ته شارجا ۾ کيڏڻ سدائين هڪ شاندار تجربو رهيو آهي، ڇو ته شارجا ۾ سڄي دنيا مان ڪرڪيٽ جا شوقين مئچ ڏسڻ ايندا آهن ۽ اسان کي سپورٽ ڪندا آهن، اهو ئي سبب آهي جو راند سان محبت ڪندڙن لاءِ شارجا ڪرڪيٽ اسٽيڊيم هڪ خاص جڳهه آهي.