شادي لارج (ن پ ا) شادي لارج پوليس اهلڪارن هوٽل هلائيندڙ پورهيت عثمان ملاح تي  تشدد ڪيو ويو، جنهن تي پورهيت ايل بي او ڊي سم نالي ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو 18 ڪلاڪ گذرڻ باوجود سندس لاش نه ملي سگھيو. گذريل رات شادي لارج ۾ هوٽل ھلائيندڙ 45 ورهين جي پورهيت عثمان ملاح تي پوليس اهلڪارن مبينا تشدد ڪيو. پورهيت خوف مان پاسي مان گذرندڙ ايل بي او ڊي سم نالي ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو. 18 ڪلاڪ گذرڻ باوجود لاش نه مليو انتظاميا جي نااهلي سبب سرڪاري ٽوٻا 8 ڪلاڪ گذرڻ بعد پهتا وارثن سوين شهرين پنهنجي مدد پاڻ سم نالي ۾ گهڙي ڳولا ڪئي پر لاش هٿ نه آيو. ان موقعي تي وارثن شهرين حسن ملاح جڙيو ملاح تجمل خان شهباز خان حاجن پنجارو عبدالرحمن قائمخاني گل حسن ڀٽي ۽ ٻين کوسڪي پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي مين ٿرڪول بائي پاس تي ڌرڻو هنيو. هنن چيو ته شادي لارج ۾ شراب جون بٺيون پوليس جي سرپرستي ۾ هلن ٿيون انهن خلاف ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي باقي لاوارث غريب ماڻهو کي پوليس ڍوڙائي ڍوڙائي مارڻ ۾ اڳڀري آهي ھنن چيو ته پورهيت عثمان ملاح گهر جو هڪ فرد هو جيڪو هوٽل هلائي گهر جو گذر سفر ڪندو هو پوليس اهلڪارن هن تي اوچتو حملو ڪيو جنهن بعد هو خوف ۾ اچي سم نالي ۾ ٽپو ڏنو جنهن جو لاش نٿو ملي. وڏو وزير مراد علي ساهه،  آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻيا نوٽيس وٺي انصاف ڏيارين . پورهيت عثمان ملاح واقعي جو ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ نوٽيس وٺي الزام آيل ٻن پوليس اهلڪارن ۽ هڪ اي ايس آءِ کي معطل ڪري ڇڏيو. وارثن سان ڳالهائيندي ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ چيو ته رات کان معاملي کي ڏسي رهيو آهيان مون بروقت الزام ۾ آيل ٻن پوليس اهلڪارن رمضان سومرو چيتن ميگهواڙ ۽ اي ايس آءِ مختيار لاشاري کي معطل ڪري لاڪپ ڪرائي ڇڏيو آهي، خدا ڪري لاش ملي وڇي، ان بعد وارثن جي مرضي مطابق ڪيس داخل ڪنداسين.