ڪابل (م ڊ) طالبان پنهنجي پهرين اقليتي ڪمانڊر مولوي مهدي کي ايران جي سرحد تي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، کيس ملڪ مان مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش تي ماريو ويو، عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ طالبان جي واحد ڪمانڊر ۽ اڳواڻ مولوي مهدي کي ايران جي سرحد ويجهو صوبي هرات ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. مولوي مهدي کي ڪجهه سال اڳ طالبان پاران ڪمانڊر طور شامل ڪيو ويو هو ۽ هو هن وقت تائين واحد ڪمانڊر هو جنهن اقليتي برادري مان طالبان ۾ شامل ٿيو هو. مولوي مهدي جي شموليت، جنهن جو تعلق شيعه فڪر ۽ هزاره برادري سان آهي، ان کي طالبان جي پاليسين ۾ تبديلي ۽ اقليتن لاءِ نرم موقف قرار ڏنو ويو هو. افغانستان ۾ حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ طالبان مولوي مهدي کي هزاره برادري جي اڪثريتي صوبي جو ڪمانڊر ان چيف مقرر ڪيو پر سندس ۽ حڪومت وچ ۾ فاصلا وڌي رهيا هئا. هزاره شيعه ڪمانڊر مولوي مهدي ۽ طالبان وچ ۾ اختلاف جون خبرون ڪافي عرصي کان گردش ڪري رهيون هيون ۽ ڪالهه طالبان حڪومت جي بچاءَ واري وزارت تصديق ڪئي آهي ته مولوي مهدي ايران فرار ٿيڻ دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويو آهي.  عالمي خبرن جي اداري رائٽرز ان خبر تي مولوي مهدي جي ترجمان جو ردعمل ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.