يروشلم(م ڊ) اسرائيل غزه ۾ ڪارروائي دوران فلسطيني ٻارڙن کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل جي بچاءَ واري وزارت تصديق ڪئي آهي ته هلندڙ مهيني جي شروعات ۾ اسرائيلي فورسز غزه ۾ ڪارروائي ڪئي جنهن دوران 5 ٻارڙا قتل ٿي ويا. اسرائيلي بچاءَ واري وزارت جي اختيارين طرفان اهڙي اعتراف کانپوءِ اسراعيل جي فوجي اختيارين جي بيان ۾ فرق سامهون آيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيلي حملي کانپوءِ اسرائيلي فوجي اختيارين دعويٰ ڪئي هئي ته ٻارڙا امڪاني طور جهادي تنظيم جي راڪيٽ حملن جي ڪري مارجي ويا آهن.