سکر(بيورو رپورٽ) سکر جا رهواسي پاڻي کوٽ خلاف هٿن ۾ ٿانوَ کڻي رستن تي نڪري آيا، ميونسپل ۽ پبلڪ هيلٿ انتظاميا خلاف شديد نعريبازي. مظاهري ۾ ٻارن جي وڏي انگ  پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي قاري لياقت مغل، مولانا امان الله سکروي، مظهر اقبال ۽ ٻين چيو ته سکر ميونسپل انتظاميا شهرين سان ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي. سکر انتظاميا جي نااهلي سبب نصرت ڪالوني پنج ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. گذريل ٽن مهينن کان پاڻي نه هجڻ سبب شهري هٿ نلڪن توڙي فلٽرپلانٽس تان پاڻي ڀرڻ تي مجبور آهن. شهري گهريلو استعمال لاءِ به ٽن مهينن کان ٻاهران پاڻي ڀري رهيا آهن. انتظاميا دانهن ڪوڪ ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن مطالبو ڪيو ته شهر ۾ پاڻي فراهمي فوري طور تي بحال ڪئي وڃي.