سکر: ٽول پلازه عملي ۽ وڪيلن ۾ ڳالهيون ڪامياب

0
329

سکر(ن پ ا) سکر ٽول پلازه عملي ۽ وڪيل برادري وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون.

وڪيل اڳواڻ قربان ملاڻو جو چوڻ آهي ته ٽول پلازه انتظاميه پنهنجي حرڪت تي معافي ورتي آهي.

هن چيو آهي ته ، اڳتي مقامي ماڻهن کان ٽيڪس نه وٺڻ ۽ بد تميزي ڪندڙ عملي کي سکر مان هٽائڻ جي انتظاميه خاطري ڪرائي آهي.

وڪيل اڳواڻ جو چوڻ آهي ته ڳالهين ۾ ايس ايس پي سکر عرفان سمون، ٽول پلازه انتظاميه، وڪيل علي گل عباسي، علي رضا بلو چ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

واضح رهي ته گذريل ڏينهن ٽول ٽيڪس وٺڻ تي ٽول پلازه عملي سينيئر وڪيلن سان بدتميزي ڪئي هئي جنهن بعد علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو هو.