سکر (بيورو رپورٽ) تعليمي بورڊ سکر يارھين جماعت جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا، پري ميڊيڪل، انجنيئرنگ، ڪامرس سميت ٻين گروپن جي نتيجن جو اعلان. پري ميڊيڪل ۾ 17565 اميدوار ۽ پري انجنيئرنگ ۾ 8847 اميدوار سمورن پيپرن ۾ پاس. تعليمي بورڊ سکر جي امتحانن واري ڪنٽرولر  رفيق احمد پلھه جي صحيءَ سان جاري ڪيل نتيجن مطابق پري ميڊيڪل گروپ ۾ ٽوٽل 19911 اميدوارن امتحاني فارم جمع ڪرايا، جن مان 17565 اميدوار سمورن ڇھن پيپرن ۾ پاس ٿيا، 1241 اميدوار ھڪ پيپر ۾ فيل، 365 ٻن، 459 ٽن، 45 چئن، 34 پنجن ۽ 45 اميدوار ڇھن ئي پيپرن ۾ فيل ٿيا آھن. جڏھن ته مختلف سببن ڪري 62 اميدوارن جو نتيجو روڪيو ويو آھي. پري انجنيئرنگ جي جاري ڪيل نتيجن مطابق امتحان ۾ حصو وٺندڙ 10560 اميدوارن مان 8847 اميدوار سمورن ڇھن پيپرن ۾ پاس ٿيا، 910 اميدوار ھڪ، 623 ٻن، 49 ٽن، 10 چئن، 22 پنجن ۽ 18 اميدوار ڇھن ئي پيپرن ۾ فيل ٿيا آھن. ساڳي ريت ھيومنٽيز گروپ ۾ حصو وٺندڙ 2069 اميدوارن مان 1600 اميدوار سمورن ڇھن پيپرن ۾ پاس ٿيا، جڏھن ته 356 اميدوار ھڪ پيپر، 39 اميدوار ٻن، 7 اميدوار ٽن پيپرن، 9 اميدوار چئن پيپرن، 17 اميدوار پنجن پيپرن ۽ 15 اميدوار ڇھن ئي پيپرن ۾ فيل ٿيا، جڏھن تہ 27 اميدوارن جو نتيجو مختلف سببن ڪري روڪيو ويو آھي. جڏھن ته ڪامرس گروپ جي 674 اميدوارن حصو ورتو، جن مان 605 اميدوار سمورن ستن پيپرن ۾ پاس ٿيا، 47 اميدوار ھڪ پيپر ۾ فيل، 6 اميدوار ٻن ھڪ ھڪ اميدوار ٽن، چئن ۽ پنجن پيپرن ۾ فيل ٿيا. 14 اميدوارن جا نتيجا مختلف سببن ڪري روڪيا ويا آھن.