سکر (بيورو رپورٽ) خيرپور جي رهواسي رٽائرڊ پرائمري استاد غلام شبير گھمرو سکر پريس ڪلب پهچي ھڪ ڀيرو وري احتجاج ڪندي الزام مڙھيو آهي ته بااثر ماڻھن منهنجي گھرواري، ڌيءَ ۽ ڀيڻ کي زبردستي جنسي زيادتي جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن، گذريل ڏينهن جوابدارن اسان جي گھر تي چڙهائي ڪري قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون، واقعي جو اطلاع خيرپور پوليس کي ڏيڻ باوجود پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي نٿي ڪري، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري سزا ڏني وڃي.