دوداپور (ن پ ا) دوداپور ويجهو ڏينهن ڏٺي جو موٽرسائيڪل سوار نامعلوم هٿياربندن دوڪاندار محمد دين بروهي کي يرغمال بڻائي 3 لک روڪ رقم، موٽرسائيڪل ۽ موبائل فون ڦر ڪري ورتا. واقعي خلاف بروهي برادري جي ماڻهن جيڪب آباد ڳڙھي خيرو مين روڊ تي حسين آباد ۾ ٽائرن کي باهه ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي حسين بخش بروهي، عبدالله بروهي ۽ ٻين چيو ته چورين ۽ ڦرن سبب عوام مشڪلاتن جو شڪار آھي، هنن مطالبو ڪيو ته دڪاندار کان ڦر ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. بعد ۾ ايس ايڇ او ڳڙھي خيرو احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرايو.