لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي سرهيا پڌر واري علائقي ۾ گهر ڀاتين سان عيد خريداري ڪرڻ دوران پراسرار نموني گم ٿي ويل شاهه بهارو ڪالوني واسي 5 ورهين جي نينگري زينب سيال جو اڃا تائين ڏس پتو پئجي نه سگهيو آهي، جڏهن ته وارثن نينگري کي اغوا ڪرڻ جو شڪ ظاهر ڪندي گهر ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد شروع ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ نينگري جي امڙ شهزادي، ڀيڻ زينب، پڦي مومل ۽ ٻين ٻڌايو ته نياڻي سرهيه پڌر مان گم ٿي وئي آهي، جنهن جو ڪٿي به ڏس پتو پئجي ناهي سگهيو، هنن چيو ته مارڪيٽ ٿاڻي تي اطلاع ڏنو پر پوليس رڳو خالي دلاسا ڏئي رهي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نينگري جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.