لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ پ پ ش ڀ پاران سپاف شهيد ڀٽو جي اڳواڻ علي احسان مري جي گهر تي مبينا چڙهائي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن دامن علي عمراڻي، ارشاد چانڊيو، جاويد لاهوري، ولي محمد لاهوري، لالو سرهيو، خدايار سولنگي، برڪت ميراڻي ۽ ٻين چيو ته احسان مري مٿان حملو ڪندڙن خلاف ڪارروائي بدران پوليس سندس گهر تي چڙهائي ڪئي. هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي وڃي.