سپريم ڪورٽ وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

0
264
ادارن پاڻ کي نيوٽرل رکيو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ن ليگ اڳواڻ اياز صادق جي اين اي 122 ۾ ڪاميابي واري فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري ڪيس ۾ وزيراعظم عمران خان کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جي سربراهي ۾ اين اي 122 ۾ ٻيهر چونڊ خلاف اياز صادق جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته سال 2013 قومي اسيمبلي جو مدو ته ختم ٿي چڪو آهي، جنهن تي اياز صادق جي وڪيل چيو ته منهنجي موکل تي ڏنڊ وڌو ويو هو جنهن خلاف اپيل ڪئي وئي

اياز صادق جي وڪيل چيو ته نادرا ۽ رڪارڊ جائزي جي  رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، جنهن تي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته ڪيس هارائڻ کانپوءِ سمورا خرچ اياز صادق کي ادا ڪرڻ جو چيو ويو

اياز صادق عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سياسي معاملا ڪڏهن بند نه ٿيندا آهن، مون کي اسپيڪر قومي اسيمبلي هوندي به ڪوڙو ۽ ڌانڌلي ڪرڻ وارو چيو ويو

چيف جسٽس آف پڇاڻو ڪيو ته توهان کي هٽائڻ کان پوءِ ڪيتريون چونڊون کٽيون؟ جنهن تي اياز صادق چيو ته مان برطرف ٿيڻ بعد سموريون چونڊون کٽي چڪو آهيان، تڪ ۾ منهنجي خلاف جيڪو تاثر ڏنو پيو وڃي اهو ئي اصل مسئلو آهي

چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏنا ته عوام توهان کي ووٽ ڏئي ٿو ته پوءِ تاثر ڪيئن قائم آهي

جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جيڪڏهن بدنامي جو معاملو آهي ته الڳ ڪيس داخل ڪريو، جنهن تي اياز صادق چيو ته ڪيترن ئي سالن کان بدنامي جو ڪيس هلي رهيو آهي، اهو منهنجي عزت جو معاملو آهي، عمران کان ڪجهه نٿو چاهيان

ليگي اڳواڻ جي وڪيل چيو ته غلطيون چونڊ عملي جون هيون ته ادائيگي اياز صادق ڇو ڪري

چيف جسٽس چيو ته عمران خان جو موقف ٻڌي ڪري فيصلو ڪنداسين، جلد ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويندو

اياز صادق چيو ته اسٽي جي پٺيان نٿو لڪڻ چاهيان، ننڍي چونڊ وڙهيس ۽ کٽيو آهيان، ڪيس ڪرڻ جو مقصد صرف پاڻ کي بيقصور ثابت ڪرڻ آهي

جنهن بعد سپريم ڪورٽ ن ليگ اڳواڻ جي درخواست تي وزيراعظم عمران خان، اليڪشن ڪميشن ۽ نادرا کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

واضح رهي ته اليڪشن ٽربيونل 2013ع ۾ اين اي 122 تان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ اياز صادق جي ڪاميابي کي ڪالعدم قرار ڏنو هو، اليڪشن ٽربيونل 2013 ۾ عمران خان جي شڪايت تي اياز صادق خلاف فيصلو محفوظ ڪيو هو، جنهن جي خلاف ليگي اڳواڻ طرفان عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي

ھي به پڙھندا

پهرين نشاني تي زرداري هوندو، عدم اعتماد کٽڻ کانپوءِ هنن کي نه ڇڏيندس: وزيراعظم