حيدرآباد: نيب اڳوڻي اڪائونٽنٽ جي پلي بارگين واري درخواست منظور ڪري ورتي

0
160
واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين

حيدرآباد (بيورو رپورٽ)  نيب ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيوليم اينڊ اسيسمينٽ سنڌ ڄام شوري جي اڳوڻي اڪائونٽنٽ جي پلي بارگين واري درخواست منظور ڪري ڇڏي

جوابدار پاران هڪ ڪروڙ 72 لک رپيا جمع ڪرائڻ جي رپورٽ احتساب عدالت ۾ جمع ٿيڻ بعد گرفتار اڪائونٽنٽ خادم شاهه جي آزادي جا امڪان

ذريعن موجب گرفتار اڳوڻي اڪائونٽنٽ خادم شاهه نيب کي پلي بارگين واري درخواست ڏني هئي جيڪا نيب پاران منظور ڪئي وئي

نيب 2018ع دوران جاچ بعد ڊائريڪٽوريٽ آف ڪريڪيوليم اينڊ اسيسمينٽ سنڌ ڄامشورو ۾ مختلف ڪمن لاءِ فنڊن ۾ ڪروڙين رپين جي خرد برد جو داخل ڪيو هو

نيب اڳوڻي آفيس سپرنٽينڊنٽ پير بخش سمون، سندس ڀاءُ پرنس علي سمون، پٽن مستنصر ۽ مظهر سمون سميت 8 ڄڻن کي نامزد ڪيو هو

اڳوڻي اڪائونٽنٽ خادم شاهه, محبوب هاليپوٽو, خزاني آفيس جي اڳوڻي ضلعي عملدارن مشتاق شيخ ۽ الهبچايو جتوئي جا نالا به شامل ڪيا ويا هئا

اڪائونٽنٽ خزاني آفيس جي عملدارن سان ملي ڀڳت ڪري ڪوڙا بل پاس ڪرائي مبينا طور ڪروڙين رپيا خرد برد ڪيا هئا