يوڪرين ۾ ڦاٿل ڀرياروڊ واسي مڪينيڪل انجينيئر  ڏيهه پهچي ويو

0
167
يوڪرين ۾ ڦاٿل ڀرياروڊ

ڀرياروڊ (ن پ ا)  ڀرياروڊ جو رھواسي نوجوان مڪينيڪل انجينيئر ثاقب منظور ڪيريو يوڪرين مان باحفاظت پنهنجي گهر پھچي ويو

ڀرياروڊ سان تعلق رکندڙ نوجوان ثاقب ڪيريو جيڪو يوڪرين ۾ مڪينيڪل انجينئرنگ جو طالب علم آهي، يوڪرين ۽ روس جي جاري جنگ جي ڪري يوڪرين ۾ ڦاٿل ھو جنهن جي ڪجهه ڏينهن اڳ ويڊيو بيان به جاري ڪيو هو ۽ اڄ باحفاظت پنهنجي وطن پاڪستان پھچي ويو جتي ان جو ايئر پورٽ تي والد منظور ڪيريو ۽ مٽن مائٽن ۽ دوستن گلن جا ھار پارائي شاندار استقبال ڪيو

ثاقب ڪيريو جو چوڻ ھو ته جنگ جي صورتحال ۾ اسان ذھني طور تي پريشان ھئاسين جتي اسان جي مدد ڪرڻ لاءِ ڪو به نه ھو ھر طرف خوف ۽ ھراس ڇانيل ھو ھر پاسي گولا بارود ۽ ڌماڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ اچڻ پيا جنهن جي ڪري انتھائي پريشان ھيس

ان موقعي تي سندس والد منظور ڪيريو جو چوڻ ھو ته مان ڏاڍو خوش آھيان جو جنگ جي ماحول مان منهنجو پٽ باحفاظت گهر پھچي ويو آهي

ٻي پاسي ثاقب ڪيريو پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو ته مان پنهنجي مٽن مائٽن ۽ دوستن جو شڪر گزار آھيان جنهن جي دعائن سان مان ڏيهه پھچي ويو آھيان، جڏهن ته ٽائيم نيوز جو به شڪر گزار آھيان جنهن منهنجو آواز بلند ڪيو جنهن سبب مان اڄ پنهنجي ملڪ پاڪستان واپس پھچي ويو آھيان ان کان اڳ خوشي ۾ مٺايون ورھايون ويون

ٻئي پاسي انجنيئر ثاقب ڪيريو جو دوست ڏهرڪي واسي زاهد چانڊيو به ڏيهه پهچي ويو آهي  جيڪو پڻ يوڪرين ۾ ڦاٿل هو

ھي به پڙھندا

مورو واسڻ شاگردياڻي يوڪرين ۾ ڦاٿل، مدد جي اپيل