ملير: بااثر استادن ۽ شاگردن کي ٻاهر ڪڍي اسڪول کي تالا هڻي ڇڏيا

0
136
ملير: بااثر استادن ۽ شاگردن

ملير (رپورٽر) سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي ۾ قائم گورنمنٽ پرائمري اسڪول جي عمارت مان استادن ۽ ٻارڙن کي ٻاهر ڪڍي علائقي جي بااثر تالا لڳائي ڇڏيا

بااثر ذوالفقار عباسي جو چوڻ آهي ته اسڪول جي بلڊنگ جو ڪرايو ادا ناهي ڪيو ويو

جڏهن ته علائقي واسين جو چوڻ آهي ته سوسائٽي جي اسپتال لاءِ رکيل فلاحي پلاٽ کي انتظاميا جي ملي ڀڳت سان حصا پتي ڪري پلاٽ علائقي جي بااثر کي کپايو ويو

چيئرمين ايس ايم سي ابراهيم ابڙو جو چوڻ آهي ته اسپتال لاءِ رکيل فلاحي پلاٽ تي بااثر پوليس ڊي ايس پي ذوالفقار عباسي مارڪيٽ ٺاهي  ڇڏي، جڏھن ته ساڳي بلڊنگ ۾ سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪول هلندڙ  آھن جن کان به ڀاڙو ورتو وڃي ٿو

استاد ۽ اسڪولي ٻارڙن احتجاج ڪندي فوري طور تي اسڪول کولڻ ۽ ذميوارن خلاف ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي