پهرين نشاني تي زرداري هوندو، عدم اعتماد کٽڻ کانپوءِ هنن کي نه ڇڏيندس: وزيراعظم

0
265
پهرين نشاني تي زرداري هوندو

ڪراچي (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هاڻي منهنجي بندوق جي پهرين نشاني تي آصف زرداري هوندو، هو ٽوڪري ۾ پئسا کڻي اسان جي ميمبرز کي 20-20 ڪروڙ رُپين تي خريد ڪري ٿو، سنڌ اهو خطو آهي جيڪو پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ تبديلي چاهي ٿو

گورنر هائوس ڪراچي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته مقصو چپڙاسي وارو بوٽ پالش ڪندڙ شهباز شريف ۽  ڊيزل به آصف زرداري سان گڏجي ويا آهن، هنن ٽنهن جون شڪلون ڏسو هي ملڪ بچائڻ نڪتا آهن، فضل الرحمان کي مولانا چوڻ گناهه آهي

هن چيو ته فضلو کي جڏهن نيب گهرائي ٿي ته چوي ٿو 2 هزار ماڻهو آڻيندس، تون ٻه هزار ماڻهو آڻيندي ته مان هڪ ماڻهو وٺي ايندس، مسٽر فضلو ڊيزل تون به تيار ٿي وڃ

عمران خان چيو ته جڏهن گدڙ جي موت ايندو آهي شهر جو رخ ڪندو آهي، آصف زرادري ۽ شهباز شريف کي نب طلب ڪري ٿو ته چوندا آهن اسان جي چيلهه ۾ سور آهي اسان بيمار آهيون

وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته هو سنڌ جي عوام کي پيغام ڏيڻ چاهي ٿو ته آزادي جو وقت ويجهو اچي ويو آهي، الله کان دعا گهرندو هئس ته ڪهڙي به طرح هنن جي ڳچي منهنجي هٿ ۾ اچي

هن چيو ته اپوزيشن عدم اعتماد آڻي ڦاسي پئي، عدم اعتماد اپوزيشن جي سياسي موت آهي، عدم اعتماد کٽڻ کانپوءِ هنن کي نه ڇڏيندس

هن چيو ته مان ڪراچي جي عوام کي ڪي سي آر تي مبارڪباد ڏيان ٿو، ڪنهن به وفاقي حڪومت اهو ناهي ڪيو جيڪو اسان ڪراچي ۾ ڪرڻ وڃون پيا

وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ رڪارڊ ٽيڪس وصولي اسان جي حڪومت ۾ ٿي آهي

وزيراعظم چيو ته 10 سالن ۾ ملڪ ۾ 400 ڊرون حملا ٿيا، مان يورپي يونين جي باري ڪجهه نه چيو صرف ياد ڏياريو

ھي به پڙھندا

حڪومت بچايو مشن: وزيراعظم عمران خان جي ڪراچي آمد، ايم ڪيو ايم قيادت سان ملاقات