سوشل ميڊيا ڦوڪڻا وڪڻندڙ ناريءَ کي ماڊل بڻائي ڇڏيو

0
451
سوشل ميڊيا ڦوڪڻا

ممبئي(دلچسپ نيوز) سوشل ميڊيا جي طاقت ڦوڪڻا وڪڻندڙ ناريءَ کي راتو رات اسٽار بڻائي ڇڏيو. ڀارتي رياست ڪيرالا ۾ ڦوڪڻا وڪڻندڙ ڪسبو تي هڪ فوٽو گرافر جي نظر پئجي وئي ته هن سندس ڦوڪڻن سميت تصويرون ڪڍي ورتيون. فوٽوگرافر جو چوڻ آهي ته جڏهن هن ڪسبو ۽ سندس والده کي ڏيکاري ته اهي گهڻيون خوش ٿي ويون

تصويرون سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪندي ئي وائرل ٿي ويون ۽ وري ڪسبو ڏانهن ماڊلنگ لاءِ آڇون اچڻ لڳيون. ڪسبو کي ماڊلنگ جي پهرين شوٽنگ لاءِ تيار ڪرڻ ۾ ڪيترائي ڪلاڪ لڳا پر جڏهن هوءَ اڳيان آئي ته هن جي شخصيت ۾ آيل تبديليءَ سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. ڦوڪڻا وٺندڙ ڪسبو جي ماڊلنگ سوشل ميڊيا تي ڌم مچائي ڇڏي ۽ هن وقت تائين سندس تصويرن کي ڪيترائي ماڻهو لائيڪ ڪري چڪا آهن