سيوھڻ (ن پ ا)  سيوھڻ جي شھباز آڊيٽوريم جي آڳر تي کليل آسمان ھيٺ گذريل 17 ڏينھن کان ويٺل يوسي آراضي جي ڳوٺ مارو خان ٽالپر جا 15 خاندان جنهن ۾ وڏي انگ ۾ مرد توڙي عورتون ٻارڙا شامل آهن، اھي بي يارو مددگار بڻيل آهن ۽ ٻوڏ انتظاميا سندن واھر ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي جڏھن ته سنڌ حڪومت جي ھدايتن تي متاثر ماڻھن لاءِ مختلف ادارن جي نگراني ھيٺ سوين ٽينٽ لڳائي دعوائون ڪيون ويون ته متاثرين کي ٽينٽن ۾ لائٽ پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ ٽن وقتن تي کاڌو فراھم ڪيو ويندو، پر افسوس ته ان باوجود به ڄاڻايل متاثر ماڻھن کي خيما، پيئڻ لاء صاف پاڻي سميت ٻيون سھولتون بندوبست نه ملڻ ڪري ھو. مليريا ڊائريا ۽ ٻين مختلف بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويا آھن. ان موقعي تي متاثرين امام علي ٽالپر. اياز ۽ مٺل ٽالپر صحافين آڏو دانھيندي چيو ته اسان گذريل 17 ڏينھن کان ٻوڏ جو پاڻي اچڻ بعد ھتي آڊيٽوريم ۾ کليل آسمان ھيٺ ٻچڙا وٺي ويٺا آھيون جتي ٽينٽ، پيئڻ جو صاف پاڻي جو بندوبست نه ھئڻ ڪري اسان جا ٻارڙا ۽ عورتون مليريا ۽ دست الٽي ۾ جڪڙجي ويا آھن ۽ اسان مسلسل مقامي انظاميا جي پٺيان سندن آفيسن جا چڪر ڪاٽي رھيا آھيون پر سيوھڻ جو اسسٽنٽ ڪمشنر رڳو دلاسا ڏئي رھيو آھي ۽ ھڪ دفعو به اسان وٽ لڙي ناھي آيو جنھن ڪري اسان بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون. هنن مطالبو ڪيو ته  مقامي انتظاميا خلاف نوٽس وٺي اسان کي کاڌي پيتي لاء راشن ۽ پيئڻ لاء پاڻي ۽ رھڻ لاء ٽينٽ ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ ھو سخت احتجاج ڪندا.